ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ عثمان ڳاهيچو واسي 12 ورهين جي نينگر شاھزيب ڳاھيچو ڪمند جي چيچڙي تي ڪمند کائڻ لاءِ  جئين ڪمند جي ڇڙي کئني ته ڪمند جي مالڪ زميندار پٺي ۾ لوهي رنبي هڻي کيس زخمي ڪري وڌو، نينگر جي رڙين تي ڀرپاسي جي ماڻهن پهچي نينگر جي وارثن کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد نينگر جي وارثن زخمي نينگر کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان نينگر جي وارث غلام رسول ڳاهيچو  ٻڌايو ته نينگر  بابا عاشق سائين درگاهه ڀرسان ڪمند جي  چيچڙي تان ڪمند ڇڙهي کڻي رهيوته زميندار علي شان آرائين مڇرجي پيو، جنهن نينگر کي پٺن ۾ رنبيون هڻي زخمي ڪري وڌو ، هن وڌيڪ چيو ته ڀرياروڊ پوليس کي جوابدار وٺي ڏنو آهي، ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي،  ٻئي پاسي ڀرياروڊ پوليس رابطو ڪرڻ تي ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيوته زخمي نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل زميندار بابت پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ، هوڏانهن  ڊاڪٽر هريش ٻڌايو ته نينگر کي پٺي ۾ لوهي آوزار سان ڌڪ لڳل آهي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.