ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ ويجهو ڳوٺ سانوڻ خان ڀٽي واسي پيرسن ماءُ ۽ ڌيءُ  پراسرار نموني گم، وارث پريشان، ان ڏس ۾  ڀرياروڊ ۾ دوا لاءِ آيل پيرسن عورت امان پوڙهي ۽ سندس 12 ورهين جي ڌيءُ عظما ڀٽي پراسرار نموني گم ٿي ويون،ان حوالي سان  پيرسن عورت جي مڙس  شهزادي عرف ڏاڏو ڀٽي ٻڌايو ته زال ۽ ڌيءُ گذريل ڏينهن ڀرياروڊ مان ڊاڪٽر کان دوا لاءِ نڪتيون، جيڪي هن مهل تائين واپس ناهن ٿيون، ڳولا باوجود سندن پتو ناهي، نوٽيس وٺي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.