ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياروڊ واسي بلدياتي اليڪشن ۾ ھارايل اميدوار پنھنجي ساٿين سان گڏ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي صدام خاصخيلي، ظھير خاصخيلي، فرحان خاصخيلي ۽ ٻين بااثر اليڪشن ۾ سامھون بيھڻ تان اسان مٿان انتقامي ڪارروايون ڪندي اسان مٿان سولر پليٽون چوري ٿيڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رھيو آھي، ھنن چيو ته اسان بلدياتي اليڪشن ۾ جي ڊي جا اميدوار ھياسين ھاڻي انتقامي ڪارروائي ڪندي اسان خلاف بنا ڪنھن ثبوت جي پوليس معرفت دٻاءُ وجھي اسان جي جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.