ڀاڄيون ۽ ڪڻڪ وڪڻي ترقي نٿا ڪري سگهون، ترقي لاءِ انڊسٽري کي وڌائڻو پوندو: وزيراعظم

0
1000
ڀاڄيون ۽ ڪڻڪ وڪڻي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي پئسن خاطر ٻين جِي جنگ ۾ ڌڪيو ويو، اسان پنهنجو پاڻ کي ذليل ڪرايو، ماضي ۾ ٻين ملڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ پرڏيهي پاليسي تبديل ڪئي ويندي هئي

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته افغانستان ۾ امريڪي جنگ جو حصو ٿيڻ سڀ کان وڏي غلطي هئي

وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو آهي، اسان ڀاڄيون ۽ ڪڻڪ وڪڻي ترقي نٿا ڪري سگهون، معاشي ترقي لاءِ انڊسٽري کي وڌائڻو پوندو

وزيراعظم چيو آهي ته گذريل حڪومتون ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون، اسان ننڍي ۽ وچولي صنعت لاءِ پاليسيون کڻي آيا آهيون، رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون، هاڻي پاڪستان تيزيءَ سان اڳتي وڌندو

عمران خان چيو ته ملڪ صنعتن جي ڪري اڳتي وڌندا آهن، ڪڏهن به برآمدات تي ڌيان نه ڏنو ويو، گهٽ مٽاسٽا جي شرح سبب اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، اڄ جيڪو پيڪيج ڏنو ويو آهي اهو اڳ ۾ ئي واپاري برادري کي ڏنو وڃي ها

هن چيو ته حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي صنعتن تي توجه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، سيڙپڪار پرڪشش مراعتن جي آڌار تي متوجه ٿيا، ماضي ۾ ڊگهي مدي واري رٿابندي نه ٿيڻ سبب معاشي نقصان ٿيو آهي

عمران خان چيو ته اسان اوورسيز پاڪستانين لاءِ خاص عدالتون ٺاهيون آهن، اوورسيز پاڪستاني پلاٽ خريد ڪندا هئا پر قبضا ٿي ويندا هئا، ڀارت آءِ ٽي انڊسٽري ۾ اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي، ان کان اڳ آءِ ٽي انڊسٽري کي ڪا به سهولت نه ڏني وئي، پهريون ڀيرو آءِ ٽي ڪمپنين کي مراعتون ڏئي رهيا آهيون

ھي به پڙھندا

عمران خان جو نئون پاڪستان روٽي، ڪپڙا مڪان کسي رھيو آھي، اھا تبديلي نه تباھي آھي: بلاول