ڀاڄائي پاران چاهيندڙ سان گڏجي ڏير کي قتل ڪرڻ وارو معاملو، جوابدار جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

0
279

شھدادپور(ن پ ا) شاهپورچاڪر ۾ ڀاڄائي پاران چاهيندڙ سان گڏجي ڏير کي قتل ڪرڻ وارو معاملو، قتل ڪيس ۾ گرفتار مقتول پانڌي بگٽي جي ڀاڄائي عائشه بگٽي، ميوو مري ۽ ڀورل ڀٽو کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران ڪيس جي ٻن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، عدالت جوابدارن جو وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽  الزام هيٺ آيل جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري  ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

ھي به پڙھندا

تنگواڻي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري قتل

ياد رهي ته 29 سيپٽمبر تي پانڌي بگٽي کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي قتل ڪيو ويو هو، مقتول جي ڀاءُ ٻانهو بگٽي جي فرياد تي ڀاڄائي عائشه بگٽي ۽ ميوو مري تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پوليس ايف آءِآر کان هٽي ڪري وڌيڪ هڪ جوابدار ڀورل ڀٽو کي گرفتار ڪري قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو.

ھي به پڙھندا

پيرجوڳوٺ ۾ ناري قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙهڻ ۽ جرڳي جو انڪشاف