ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ۾ برسات ۽ ڊرينيج نالن جو گندو پاڻي سخي سيد سليمان شاهه جي قبرستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري قبرستان ۾ قبرن جي بيحرمتي ٿي رهي آهي، ۽ ڪيتريون ئي قبرون ڊهي ويون آهن، ان حوالي سان علائقي واسين حافظ عبدالجبار ٻگهيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري دانيهندي چيو ته   ٽائون انتظاميه  اڳيان بار بار شڪايتون ڪيون آهن ته گندو پاڻي قبرستان ۾ داخل ٿي رهيو آهي پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، قبرستان ۾ پاڻي بيهڻ سبب  ڪيتريون ئي قبرون ڊهي ويون آهن، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي،  ٻي صورت ۾ مجبور ٿي ٽائون ڪاميٽي آفيس جو گهيراءُ ڪنداسين.