ڀان سيد آباد ۾ 4 اُميدوارن کي کنڀڻ خلاف احتجاج ڪندڙن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

0
276
ڀان سيد آباد ۾ 4 اُميدوارن کي

ڀان سيد آباد (ن پ ا) ڀان سيد آباد ۾ 4 اُميدوارن کي کنڀڻ خلاف احتجاج ڪندڙن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، سب انسپيڪٽر شيرل کوسو جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ 13 ڄاتل ۽ 30 اڻڄاتل جوابدار نامزد ڪيا ويا آھن

 مظاهرين تي روڊ بلاڪ، دهشت پکيڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ پوليس تي پٿراءُ جا الزام ھنيو ويو آھي، گذريل ڏينهن ڀان سيد آباد پوليس هٿان 4 اُميدوارن جي کنڀجڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو هو