ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ٽائون ڪاميٽي جي ٽائون آفيسر صفائي ملازمن جون پگهارون روڪي ڇڏيون آهن، جنهن خلاف عملي احتجاج ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي، جنهن جي ڪري شهر جي شاهي بازار، اسٽيشن روڊ، ٽائون ڪاميٽي بازار، اسپتال روڊ، ميمڻ محلا، مينگل محلا، مهراڻ ڪالوني، ٻگهيا ڪالوني سميت ٻين محلن ۽ پاڙن ۾ گندگي جا ڍير جمع ٿي ويا آهن، ملازمن ٽائون ڪاميٽي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. محمد سومر، عجيب سرائي، عاشق سرائي، پپو سرائي،حب علي سرائي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بناجواز جي ٽائون آفيسر امتياز راهپوٽو پگهارون روڪيون آهن، فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن، هنن چيو ته صفائي وارو عملو انتهائي غريب هجڻ سبب اوڌر ۽ وياج تي پئسا وٺي پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪن ٿا، پر افسوس ته ٽائون ڪاميٽي جي نااهل ٽائون آفيسر امتياز راهپوٽي پگهارون روڪي ڇڏيون آهن، پگهارون بند هجڻ سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، رابطو ڪرڻ تي ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي عبدالرحيم قريشي ٻڌايو تہ صفائي عملي جون پگهارون جلد جاري ڪيون وينديون، بجيٽ جو ڪجهہ مسئلو هو، هڪ ٻن ڏينهن اندر ملازمن کي پگهارون جاري ڪنداسين.