ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد شهر جي وارڊ 2 جي شمس ڪالوني جي رهواسين پاران علي محمد بوزدار، دوست  محمد بوزدار، ولي محمد شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ سيپڪو عملي پاران واڌو بل موڪلڻ خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو تہ ايس ڊي او سيپڪو ڀان جي آشيرواد سان ميٽر ريڊر ڪليم الله چوهاڻ واڌو بل موڪلي ٿو جيڪا زيادتي آهي،ميٽرريڊر ڪليم الله چوهاڻ شمس ڪالوني واسين کي منٿلي ڀتو طلب ڪري رهيو آهي جيڪو نہ ڏيڻ تان ناجائز بل پيو موڪلي، جيڪي صارفين سيپڪو وارن کي رشوت ڏين ٿا. سيپڪو چيف سکر کان مطالبو آهي تہ نااهل ايس ڊي او سيپڪو ڀان ۽ ميٽر ريڊر کي هٽائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.