ڀان سيد آباد پوليس طرفان بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ 4 اُميدوارن کي مبينا کنڀڻ خلاف احتجاج

0
258
ڀان سيد آباد ۾ 4 اُميدوارن کي

ڀان سيد آباد (ن پ ا) ڀان سيد آباد پوليس طرفان بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ 4 اُميدوارن کي مبينا کنڀڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، اُميدوارن جي حامين ۽ شهرين طرفان ڪاروبار بند ڪرائڻ بعد انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويو

ان موقعي تي مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪيتري ئي دير تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو، مظاهرين الزام هنيو آهي ته پوليس بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ 4 اُميدوارن کي بنا جواز کنڀڻ بعد گُم ڪري ڇڏيو آهي

ھنن چيو تھ اُميداورن کي هيسائڻ چونڊ ضابطن جي ڀڇڪڙي آهي، اليڪشن ڪميشن کان نوٽيس وٺي کنڀي گُم ڪيل اُميدوارن کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيوويو آھي

ھي به پڙھندا

حيدرآباد ۾ چونڊ سرگرميون: قاسم آباد ۽ ٽنڊي ڄام ۾ پ پ جا اڪثر اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان