ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد جي ريلوي اسٽيشن وٽ 45 ورهين جي سليمان ٻگهيو ريل هيٺيان اچي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾  وٺي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس ذريعن موجب سليمان ٻگهيو گهرو پريشانين کان تنگ اچي اهڙو قدم کڻي زندگي جو انت آندو، ريل مٿان چڙھڻ سب لاش ٻن حصن ۾ ٿي ويو، جڏهن ته  لاش ٻن ڪلاڪن تائين ريلوي ٽريڪ تي پيل رهيو جنهن بعد ريلوي پوليس ۽ ايمبولنس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. واقعي واري هنڌ موجود فوتي سليمان ٻگهيو جي پٽ ٻڌايو تہ والد گهرو معاملن سبب پريشان هو، جيڪو صبح جو گهران نڪتو، واپس نہ موٽيو.