ڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ واري صورتحال

0
329
ڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ واري صورتحال

ڀان سيدآباد (رپورٽر) ڀان سيدآباد ۾ منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي، منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب  مختلف ڳوٺ ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي

يوسي جعفرآباد جي ڳوٺ ننگرخان  بروهي ۾ 18 فوٽ پاڻي بيٺل آھي، ڳوٺاڻا گهرن جي ڇتين تي چڙهي ويا آھن

معصوم ٻارڙا گهر جي  ڇتين تي چڙهي انتظاميه کي  ريسڪيو لاءِ اپيلون ڪرڻ لڳا آھن

ڳوٺاڻن موجب 24ڪلاڪ کان گهرن  جي ڇتين تي ويٺا آهيون، انتظاميه  ڪا واهر ناهي ڪئي، ٻارن سوڌو ڦاٿل آھيون

ٻئي پاسي دادو ۾ 7 شاخ ڀرسان ايم اين وي ڊرين کي روڻيون پيون آھن،  شاخ 7 ڀرسان ايم اين وي  ڊرين کي روڻيون، پاڻي جو تيز  وهڪرو آبادي طرف وڌڻ لڳو

علائقي واسين پاران روڻيون بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اطلاع  تي آبپاشي عملو به پهچي ويو

ھي به پڙھندا

دادو ۾ 3 گهر بچائڻ لاءِ ڊي سي کان ڪٽ ڏياريا ويا، نالا ٻڌائيندس ته توهين عدالت لڳندي: مرتضيٰ وهاب

مانجھند: درياءَ ۾ چاڙهه سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ