ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) ڀان سيدآباد شهر جي شاهاڻي شادي هال ۾ مرحوم  سينيئر صحافي محمد هاشم پنهور جي سالياني 6هين ورسي ملهائي وئي، ورسي تقريب ۾ ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر روشن علي ٻرڙو، سماجي اڳواڻ انور پنهور، جي يو پي نوراني اڳواڻ علامه محمد معشوق مجددي، پريس ڪلب ڀان سيدآباد جي جنرل سيڪريٽري آدم مينگل، آصف علي ميمڻ، پرديپ ڪمار، خالد چنا، اڪرم ميمڻ، ايس يو پي اڳواڻ درياء خان لغاري، غلام مصطفي پنهور، سميت وڏي انگ ۾ سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻ توڙي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو تہ صحافي هاشم پنهور پنهنجي دور جو ارڏو صحافي هيو جنهن پنهنجي زندگي دوران بغيرڪنهن لوڀ لالچ جي صحافتي سرگرميون سرانجام ڏنيون، هاشم پنهور ڪڏهن ڪنهن ظالم جابر اڳيان نه جهڪيو.