ڀاشا ڊيم سنڌ لاءِ ترياق يا زهر

0
248
ڀاشا ڊيم سنڌ لاءِ ترياق يا زهر

سنڌو درياهه جيڪو اڄ کان پنج ڪروڙ سال پهرين وجود ۾ آيو، اهو نه صرف درياهه آهي پر هڪ سولائيزيشن جو نالو پڻ آهي. انهيءِ سنڌودرياهه جي ڪري انڊس سولائيزيشن جو جنم ٿيو ۽ انهيءَ سنڌو درياهه جي ڪنڌي تي رگ ويد پڻ لکيا ويا. اهو سنڌو درياهه جيڪو دنيا جي مختلف تهذيبن، ثقافت ۽ سولائيزيشن جي وچ ۾ ڳانڍاپو هو، اهو ڳانڍاپو هاڻي آهستي آهستي ٽٽندو پيو وڃي. سنڌو درياهه جي منڍ واري حصي ۾ ڊيم ٺاهي اتان جي ايڪالاجي کي تباهه ڪيو ويو. سنڌو درياهه جي مکيه وچ واري حصي مان اسان پاڻي زوري کڻي اوڀرندي دريائن جون زمينون آباد ڪري، درياهه کي ان مئل ماڻهو وانگر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي بدن ۾ رت نه رهندو آهي. هاڻي درياهه ۾ پاڻي بدران گند ۽ ڪچرو وهي پيو. عالمي بينڪ جي رپورٽ مطابق سنڌو درياهه هر سال ڏهه هزار ٽن گند ڪچري جا سمنڊ حوالي ڪري ٿو. سنڌو جي پوڇڙ يعني انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري اهو ڊيلٽا پڻ تباهه ٿي ويو آهي. انهيءَ سنڌو درياهه تي هڪ وڌيڪ ڊيم ٺهي رهيو آهي.

انهيءَ ڊيم ٺهڻ سان نه صرف سنڌو درياهه جي ايڪالاجي تباهه ٿي ويندي بلڪه وقت گذرڻ سان سنڌ جو ڪافي حصو سمنڊ هيٺ اچي ويندو. اهڙي صورت حال ۾ تازو سنڌ جي نالي واري پاڻي ماهر محترم محمد ادريس راجپوت جو 15 جون 2022 واري “پنهنجي اخبار” ۾ “ڇا ديا مير ڀاشا ڊيم ٺهڻ کپي؟” جي عنوان سان مضمون ڇپيو آهي. انهيءَ ۾ راجپوت صاحب سنڌ ۾ پاڻي کوٽ پوري ڪرڻ جو واحد حل ڀاشا ڊيم جي تعمير ڄاڻايو آهي. ادريس صاحب ڪافي وقت کان ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ لکندو رهيو آهي، لڳي ايئن ٿو ته هن کي سنڌ ۾ ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ راءِ عام هموار ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي. راجپوت صاحب ڀاشا ڊيم ٺهڻ ڪري ٿيندڙ نقصانن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. مون هن کان اڳ ۾ پنهنجي اخبار ۾ ڀاشا ڊيم جي مخالفت ۾ ڪيترائي مضمون لکيا آهن، انهن ۾ انگن اکرن سان ثابت ڪيو آهي ته ڀاشا ڊيم سنڌ لاءِ ترياق نه پر زهر قاتل آهي. انهن مضمونن تي مشتمل منهنجو ڪتاب“سنڌو جو رستو نه روڪيو” ڇپائي هيٺ آهي. جيڪو جلد مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.

ادريس صاحب پنهنجي مضمون جي پڄاڻي ۾ لکيو آهي ته “اسان وٽ پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ جو ٻيو ڪو آپشن ڪونهي. جيڪڏهن ڪو ٻيو آپشن آهي ته عاطف ملاح ۽ اوڀايو خشڪ ٻڌائين نتيجو اهو نڪتو ته ڀاشا ڊيم ٺهڻ کانسواءِ ٻيو آپشن ڪونهي”.

ادريس صاحب پنهنجي دور ۾ رائيٽ بينڪ آئوٽ فارول ڊرين II (آر – بي – او – ڊي II)جي منظوري ڏني هئي. 2001ع ۾ ان تي خرچ جو ڪاٿو 14 ارب روپيا لڳايو ويو هو، جيڪو 2017ع ۾ وڌي 62 ارب روپيا ٿي ويو، پر ڪم اڃا تائين اڻ پورو آهي. تازو سنڌ جي آبپاشي جي وزير ڄام خان شوري انهيءِ منصوبي جي رستي (Alignment) تي اعتراض واريو آهي ته اها صحيح هنڌ تان نه پئي ڪڍي وڃي، انهي جو رستو (Alignment) تبديل ڪيو وڃي.

اچو ته ڏسون ڇا واقعي پاڻي کوٽ جو حل ڀاشا ڊيم ٺهڻ ۾ آهي يا ڪو ٻيو حل موجود آهي. سڀ کان پهرين اسانکي ڊيمن ۾ گڏ ٿيل پاڻي تي نظر وجهڻ گهرجي. تربيلا ۽ منگلا ڊيم ٺهڻ وقت ٻنهي ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گڏيل گنجائش 12 ملين ايڪڙ فوٽ جي لڳ ڀڳ هئي. تربيلا لٽجڻ ڪري بقول ادريس صاحب جي گنجائش گهٽجي 4.6 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي منگلا ڊيم جي اونچائي وڌائي ان جي گنجائش تقريبن 7.4 ملين ايڪڙ فوٽ ڪئي وئي آهي. ايئن ٻنهي ڊيمن جي گنجائش هن وقت به 12 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. انهيءِ مان صاف ظاهر آهي ته ملڪي پاڻي ذخيرن ۾ گهٽتائي نه ٿي آهي. جڏهن پاڻي ذخيرن ۾ گهٽتائي نه ٿي آهي ته پوءِ سنڌو درياهه تي نئين ڊيم جي ڳالهه ڇو پئي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن جي مفاد لاءِ ڪئي پئي وڃي. ڊيمن ٺهڻ کان پوءِ جيڪڏهن اسان پاڻي صورتحال تي نظر وجهنداسين ته ڊيمن ۾ گڏ ٿيل پاڻي هڪ مند کان ٻي مند تائين موجود نه رهيو آهي. اهڙو اظهار محترم اي اين جي عباسي چيئرمين ٽيڪنيڪل ڪاميٽي فار واٽر ريسورسز پنهنجي رپورٽ ۾ پڻ ڪيو آهي.

ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ پاڻي ڪيترو موجود آهي ۽ ان مان ڊيمن مان ڪيترو پاڻي ملي ٿو. 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ورهايل آهي. پنجاب 1991ع واري ٺاهه تي عمل انهيءِ ڪري نٿو ڪري ته ملڪ ۾ ٺاهه ۾ ورهايل پاڻي موجود نه آهي. بقول پنجاب ته پاڻي 102 کان 105 ملين ايڪڙ فوٽ موجود آهي. ڪجهه ٻين پاڻي ماهرن جي لکت موجب پاڻي 125 کان 140 ملين ايڪڙ فوٽ موجود آهي. ڊيمن مان حاصل ٿيندڙ پاڻي پنجاب جي اندازي مطابق 12 سيڪڙو ۽ غيرجانبدار پاڻي ماهرن مطابق 8 کان 10 سيڪڙو آهي. جيڪڏهن موجوده ٻئي ڊيم لٽجي وڃن ته پاڻي کوٽ 10 سيڪڙو مشڪل سان ٿيندي. ڇا اسان 8 کان 12 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن نٿا ڏئي سگهون. اها کوٽ ايتري گهڻي نه آهي پر حقيقت ۾ پاڻي ورهاست ۾ جيڪا گڙٻڙ ڪئي وڃي ٿي اها اهم ڳالهه آهي، انهيءِ ڪري سنڌ نقصان برداشت ڪري ٿي. انهيءِ جو مثال هلندڙ سال ۾ پاڻي ورهاست ۾ ٿيل گڙٻڙ مان لڳائي سگهجي ٿو. هن سال تربيلا ڊيم فيبروري ۾ خالي ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ دريائي وهڪرن تي گذارو هلي رهيو آهي. 1991ع واري ٺاهه مطابق مئي جي ٻئي ڏهي ۾ سنڌو درياهه مان پنجاب جي مختلف واهن لاءِ 24000 ڪيوسڪ پاڻي مقرر ٿيل آهي. انهيءَ عرصي دوران پنجاب سنڌو درياهه مان تقريبن 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻندو رهيو، وري ٻئي طرف تونسا کان گڊو تائين 30 هزار پاڻي گم ٿيو. تازو سرڪار طرفان مقرر ڪيل پارلياماني ڪاميٽي پڻ اها ڳالهه مڃي آهي ته تونسا ۽ گڊو جي وچ ۾ پاڻي گم ٿيو، جنهن لاءِ هنن انگريزي لفظ Missing Water (گم ٿيل پاڻي) استعمال ڪيو آهي. جيڪڏهن اهڙي قسم جي حرڪتن کي ٻنجو نه ڏنو ويو ته پوءِ ڪيترا به ڊيم ٺاهيو، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ختم نه ٿيندي.

ڀاشا ڊيم متعلق منهنجي ذهن ۾ ڪجھه سوال آهن، جيڪي آئون پاڻي ماهرن کان ڪرڻ چاهيندس ته،

  1. ڇا ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ختم ٿي ويندي.
  2. ڇا ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان 1991 واري ٺاھ تي عمل ڪيو ويندو.
  3. ڇا ڀاشا ڊيم سنڌو درياھ تي نئون ڊيم هوندو يا تربيلا جي بدلي ۾ ٺاهيو ويندو.
  4. ڀاشا ڊيم ٺهڻ ڪري وڌيڪ 12 لک آباد ٿيندڙ زمين ڪهڙي صوبي جي آهي ڇا انهي لاءِ ڀاشا ڊيم مان واھه ڪڍيا ويندا.
  5. ڇا انڊس ڊيلٽا قومي ڊيلٽا نه آهي ؟
  6. ڇا معاشي فائدن لاءِ ماحولياتي نقصان قومي مفاد ۾ آهي.؟

مٿي اٿاريل سوال اهڙا آهن، جن جو جواب ڀاشا ڊيم جي اڏاوت کان پهرين ڏيڻ ضروري آهي.

آئون پنهنجي وس آهر جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. جيڪڏهن ڀاشا ڊيم، تربيلا ڊيم جي بدلي ۾ ٺاهيو ويو ته پوءِ پاڻي ذخيرن ۾ ڪنهن به قسم جو اضافو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو جيتري وقت ۾ ڀاشا ٺهندو، اوتري وقت ۾ تربيلا لٽجي چڪو هوندو. انهي لاءِ چوندا آهن ابو مئو، ادي ڄائي اسان اوتري جا اوترا. پاڻي ذخيري ۾ واڌارو نه ٿيڻ ڪري پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي 1991ع واري ٺاھه تي عمل نه ڪندو. ايئن سنڌ ۾ پاڻي کوٽ برقرار رهندي. جيستائين 12 لک نئين زمين آباد ٿيڻ جو تعلق آهي ته لڳي ايئن ٿو ته ڀاشا ڊيم مان نوان واھه ڪڍيا ويندا. جيڪڏهن ڀاشا ۽ تربيلا ٻئي هڪ وقت هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها ناڪام ويندي، ڇاڪاڻ جو سنڌو درياھه ۾ وافر پاڻي موجود نه آهي. محترم اي- اين – جي عباسي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته نئين ڊيم لاءِ وافر پاڻي ڪاٽو 0.25 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان ڪجھه پاڻي ڊيم ۾ روڪيو ويندو، جنهن کي ڊيڊ اسٽوريج ليول چيو ويندو. آهي ڪجهھ پاڻي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ پڻ روڪيو ويندو.

اهڙي طرح ڀاشا ۽ تربيلا تي پاڻي روڪيو ويندو، جنهن جو سنڌو درياھه جي وهڪرن تي منفي اثر پوندو. ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان ڪوٽڙي کان هيٺ ڊيلٽا ڏانهن ويندڙ نالي ماتر پاڻي رڪجي ويندو. ڇا انڊس ڊيلٽا قومي ڊيلٽا نه آهي. انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ دنيا پريشان آهي. انهي سلسلي ۾ عالمي بينڪ جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو، جنهن ۾ اهو چيو ويو آهي ته انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري ملڪ کي هر سال 2 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ عالمي بينڪ جي اها به گھر آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڪنهن به حالت ۾ ٻڙي نه هئڻ گھرجي. جيئن ته هن وقت عالمي بينڪ، سنڌ آبپاشي کاتي سان مالي سهڪار ڪري رهي آهي انهي ڪري آبپاشي کاتي طرفان دريائي پاڻي وهڪري جي روزاني جاري ڪيل بليٽن ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ ڪڏهن 100 ڪيوسڪ ته ڪڏهن 150 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڄاڻايو وڃي ٿو، جيڪا ڪاغذي ڪارروائي لڳي ٿي. اهو 2 ارب ساليانو نقصان ته ڊيلٽا ۾ مڇي گھٽ مرڻ ۽ روزگار جا وسيلا ختم ٿيڻ ڪري آهي، ساڳئي وقت جيڪا انڊس ڊيلٽا جي زمين سمنڊ کائي پيو، ان جي ڪٿ ساليانو 30 ارب ڊالر آهي. ايڏو وڏو نقصان برداشت ڪري اسان سنڌو درياھه  تي ڊيم ٺاهڻ جي وڪالت ڪري رهيا آهيون.

اها به بحث طلب ڳالھه آهي ته ڇا اسان وٽ پاڻي کوٽ آهي يا، اسان ان جو صحي استعمال نه پيا ڪريون. اها  حقيقت آهي ته اسان جيترو پاڻي استعمال ڪريون ٿا، ان مان اوتري پيداوار نٿا حاصل ڪريون. هن وقت پاڪستان دنيا ۾ چوٿين نمبر تي ملڪ آهي جيڪي پاڻي مان گھٽ اپت حاصل ڪن ٿا. اچو ته ڏسون ته تربيلا ڊيم لٽجڻ ڪري ڪيترو پاڻي گھٽ ٿيندو. تربيلا 6.2 ملين ايڪڙ فوٽ جو ڊيم آهي. اهو پاڻي سرشستي ۾ موجود پاڻي جو 5 سيڪڙو ٿئي ٿو. جڏهن ته اسانجي سرشستي ۾ رستي ۾ ضائع ٿيندڙ پاڻي جو اندازو 40 سيڪڙو آهي. جيڪڏهن اسان رستي ۾ ضائع ٿيندڙ پاڻي مان اڌ به بچائي وٺون، جيڪو ناممڪن نه آهي ته اسانکي سنڌو درياهه تي ڪنهن به ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت نه پوندي. ڊيم جتي درياهه جي ايڪالاجي جي تباهي ڪري ٿو، اتي اسان جهڙي غريب ملڪ جي معيشت لاءِ هاڃيڪار پڻ آهي. هڪ اندازي مطابق ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ايندو، جيڪو اسانکي دنيا کان وياج تي قرض وٺڻو پوندو. قرض ڏيندڙ ملڪ وري انهيءِ قرض مان اسانکي فني معلومات ڏيڻ ۽ ڊيم ٺاهڻ لاءِ گهربل سازو سامان پنهنجي ملڪ مان پنهجن شرطن تي ڏيندا. اهي پئسا اسانجي قرض مان وصول ڪيا ويندا. اهڙي طرح هو قرض مان هڪ وڏي رقم پاڻ کڻي ويندا. ٻئي طرف وياج سميت قرض وصول ڪندا. اها ڪٿان جي عقلمندي آهي جو قرض کڻي عيد جا نوان ڪپڙا وٺجن. ڀاشا ڊيم مان 4500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي ڳالهه به ڪئي وڃي پئي. اها ڪهڙي عقلمندي آهي. جو 20 ارب ڊالر سيڙائي 4500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪريون. انهيءَ کي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ ٿيندڙ اضافي خرچ جيڪڏهن اصلي قيمت ۾ وياج سميت ملايو وڃي ته اسانکي بجلي جو هڪ ڪلو واٽ هڪ لک روپيه کان وڌيڪ ۾ پوندو. اها بجلي دنيا جي مهانگي بجلي هوندي ۽ دنيا جو ڪو به معاشيات جو ماهر اهڙي منصوبي جي حمايت نه ڪندو.

 اسان کي اسانجي 6 هزار سال پراڻي آبپاشي نظام ۽ آبپاشي جي طور طريقن تي غور ڪرڻ ۽ ان جي بدلي دنيا ۾ ترقي يافته سائنسي طريقا اپنائڻ کپن. دنيا ۾ اسرائيل ۽ آسٽريليا اهڙا ملڪ آهن جن زراعت لاءِ جديد طريقا استعمال ڪري گھٽ پاڻي مان وڌيڪ اپت حاصل ڪري پنهنجي ملڪ کي ترقي ڏياري آهي. اسانجي پاڻي ماهرن، زرعي ماهرن ۽ سائنسدانن کي دنيا ۾ ٿيندڙ نين کوجنائن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ انهن جي روشني ۾ ملڪي زرعي سرشستي ۾ تبديليون آڻڻ گهرجن. پاڻي کوٽ جو حل نون سائنسي کوجنائن ۾ آهي. نه ڪي نون ڊيمن ٺاهڻ ۾. سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو واحد حل 1991ع ٺاهه هيٺ پاڻي جي منصاڻي ورڇ ۽ 1991ع جي ٺاهه تي من و عن عمل ڪرڻ ۾ آهي. پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ٽيليميٽري سسٽم لڳايو وڃي ۽ پاڻي استعمال جي غير جانبدار ماهرن کان آڊٽ ڪرائي وڃي.