دبئي (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت سان پردي پويان ڳالهين جي ڪهڙي ضرورت آهي، شرمائڻ ۽ پردو ڪهڙو؟ ڀارت سان مسئلا آهن، هو اچن ۽ ويهي ڳالهيون ڪن، دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت 5 آگسٽ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري، پاڪستان ڳالهين لاءِ تيار آهي. هن چيو ته عرب امارات دوري جو مقصد گڏيل لاڳاپا بهتر ڪرڻ هو، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي دوستي جا 50 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، اڄ اماراتي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله سان ملاقات ڪندس، هن چيو ته حڪومت ٻين پارٽين سان گڏجي چونڊ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي، چاهيون ٿا ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي وڃي، پرڏيهي وزير دبئي ورلڊ ايڪسپو سائيٽ ۾ پاڪستان پولين جو دورو ڪيو، افغان هم منصب حنيف اتمر سان فون تي رابطو ٿيو، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ امن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ مفاهمت ۽ استبول ۾ افغان امن عمل لاءِ اڳڀرائي جي پاڪستان حمايت ڪري ٿو.