ممبئي(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ 62 سالن جي ڌرما ديو کي ڪافي ماڻهو سڃاڻيندا آهن ته هو 22 سالن کان نه وهتو آهي. ان جي باوجود ماڻهو هن جو احترام ڪندا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته ڌرما ديو هڪ مقصد لاءِ پاڻيءَ کان پري آهي ۽ هڪ قسم نڀائي رهيو آهي. ڀارتي رياست بهار جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بيکنتپور ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي خبر آهي ته اهو ٻن ڏهاڪن کان ناهي وهتو ۽ نه ئي جسم تي پاڻي هاريو آهي، پر هُن کي ثابت قدم چيو ويندو آهي. ڇو ته هن جواني ۾ قسم کنيو هو ته جيستائين عورتن مٿان ظلم ختم نه ٿيندو، جيستائين مردن وچ ۾ زمين تان جهيڙا ختم نه ٿيندا ۽ جيستائين بي زبان جانورن جو قتل نه روڪيو ويندو تيستائين نه وهنجندس ۽ هن وقت تائين ان قسم تي قائم آهي. ڌرما ديو کي اهڙي قسم نڀائڻ سبب نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو. 2003 ۾ سندس گهر واري فوت ٿي وئي ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ پٽ به فوت ٿي ويو، پر پوءِ به هن پنهنجي قسم نه ٽوڙيو. نه عورتن تي ظلم بند ٿيو، نه زميني جهيڙا گهٽيا، جڏهن ته جانورن کي مارڻ جو سلسلو به جاري آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڌرما ديو پنهنجي قسم تي قائم آهي.