ڀارت ۾ ڪورونا بي رحم قاتل بڻجي ويو، روز هزارين ماڻهو مرڻ لڳا

0
528

نئين دھلي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ ڪورونا قاتل جا وار جاري آهن، هڪ ڏينهن ۾ ساڍا 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ 2 هزار 812 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا، هن وقت تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو مجموعي تعداد هڪ ڪروڙ 73 لک کان وڌي ويو، جڏهن ته ڪورونا سبب مجموعي طور تي هڪ لک 95 هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿي چڪا آهن، ممبئي ۽ نئين دهلي ۾ هر ٽيون ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهي، ٽرينز اسپتالن ۾ تبديل ٿي ويون ۽ امير ماڻهو ڀارت ڇڏي نجي اڏامن ذريعي ٻاهر ڀڄڻ لڳا، بنگلاديش به ڀارت سان ملندڙ سرحدون بند ڪري ڇڏيون، ڀارت ۾ حالتون ايتريون ته خراب آهن جو ماڻهو اسپتالن جي ٻاهران آڪسيجن جو انتظار ڪري موت جو شڪارٿي رهيا آهن.