نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ ڪوئو 14 لک رپين کان وڌيڪ نوٽ ٽُڪي ويا، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل. خبر موجب ڀارت ۾ هڪ ڪوئو اي ٽي ايم مشين ۾ هليو ويو ۽ هن صبح بينڪ کلڻ تائين 12 لک رپين کان وڌيڪ نوٽ ٽُڪي ڇڏيا. بينڪ عملي اي ٽي ايم مشين کولي ته ڪوئي جي ٽڪيل نوٽن جا ڍير ۽ نوٽ کائيندڙ ڪوئي جو لاش هٿ آيو. ڪوئي جي نوٽ کائڻ جي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ۽ ان کي هن وقت تائين لکين ماڻهو ڏسي چڪا آهن. ان کان اڳ به ڀارتي رياست آسام ۾ اي ٽي ايم مشين کي چيڪ ڪرڻ لاءِ کوليو ويو ته ٽيڪنيشنز اهو ڏسي حيران رهجي ويو هو ته مشين ۾ موجود 12 لک رپين کان وڌيڪ نوٽ ٽُڪيل هئا. پوليس جو چوڻ هو ته شايد ڪوئو وائرنگ لاءِ بڻيل سوراخ مان مشين ۾ داخل ٿيو آهي ۽ اتي موجود سمورا نوٽ ٽُڪي ڇڏيا آهن، مشين هڪ هفتي کان خراب هئي. اي ٽي ايم جي چينل مئنيجر چندن شرما جو چوڻ هو ته خراب ٿيڻ کان اڳ ان اي ٽي ايم مشين ۾ 29 لک رپيا وڌا هئا، تقريبن 17 لک رپيا بچي ويا آهن جڏهن ته 12 لک 38 هزار رپين جو نقصان ٿيو آهي.