ڀارت ۾ ڪم جا پئسا وڌيڪ آهن، ان ڪري هي مرن ٿا، ماهره تي مداحن جي جي تنقيد

0
422

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اداڪاره ماهره خان جي ڀارتي ٿيٽر ڊرامي “ يار جو لاهي” ۾ ڪم ڪرڻ جي خبرن بعد اداڪاره کي پاڪستاني مداحن جي طرفان سخت تقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، حال ئي ۾ ڀارتي ميڊيا طرفان انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ماهره خان ٻين پاڪستاني اداڪارن سان گڏ 12 قسطن تي ٻڌل نالي واري اديب ۽ دانشور گلزار جي نظم سان متاثر هڪ ڊرامائي سيريز يار جو لاهي ۾ نظر ايندي، ڀارتي ميڊيا موجب ماهره خان هن ڊرامي ۾ احمد نديم قاسمي جي ڪلاسڪ ڪهاڻي “ گڙيا ” پڙهندي، ڊرامو 15 مئي 2020 تي ٽاٽا اسڪائي ٿيٽر تي آن ائير ڪيو ويندو، ماهره خان جي بالي ووڊ ڊرامي ۾ انٽري پاڪستاني مداحن کي پسند نه آيو ۽ ان جي طرفان خفگي سان ڀريل تبصرن ذريعي اداڪاره کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هڪ صارف لکيو ته هو اسان سان دشمنن جيان ورتاءُ ڪن ٿا ۽ اسان جا فنڪار اتي وڃڻ چاهين ٿا، شرم جي ڳالهه آهي.