نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ جانور پالڻ جا شوقين ماڻهو اڪثر پنهنجي جانورن جي شادي ڪرائيندا آهن پر اهڙي ئي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ ڪتي جي ڌوم ڌام سان شادي ڪرائي پئي وڃي. ڀارتي ميڊيا موجب اهڙو واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پيش آيو، جتي 7 مهينن جي ڪتي جيلي جي شادي ٽومي نالي ڪتي سان ڪرائي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي ٻنهي جي شادي جي وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪتي جي مالڪن جي فيمليز طرفان دهلن تي رقص به ڪري رهيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڪتن جي جوڙي کي فيمليز طرفان گلن جا هار پهرايا ويا، جڏهن ته جيلي جي مالڪن هندو رسم موجب گهوٽ يعني ٽومي کي تلڪ به لڳايو. ان موقعي تي ٽومي جي مالڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته مڪرسڪرانتي جي تهوار جي موقعي تي هيءَ شادي ڪرائي ئي آهي ۽ محلي جي ڪتن ۾ ديسي گيهه سان ٺاهيل کاڌو به ورهايو ويو، جڏهن ته ان تقريب ۾ تقريبن 40 کان 45 هزار رپين جو خرچ آيو.