نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ فوج ۾ ڀرتي جي نئين نطام خلاف سڄي ملڪ ۾ پرتشدد مظاهرا جاري، اپوزيشن  ليڊر راهول گانڌي چيو آهي ته مودي مان فوج جي احترام جي اميد نٿي رکي سگهجي. ڀارتي فوج ۾ ڀرتي جي نئين نظام خلاف عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي، ڪالهه پنجين ڏينهن به ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پرتشدد مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي فوج ۾ ڀرتي جي نئين نطام تي مودي سرڪاري مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته بي جي پي حڪومت کي زرعي قانونن وانگر اگني پٿ پڻ واپس وٺڻو ئي پوندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب پنهنجي هڪ بيان ۾مخالف ڌر اڳواڻ راهول گانڌي چيو ته اقتدار جي اٺن ورهين دوران مودي سرڪار جي جوان، جي ڪسان قدرن جي توهين ڪئي آهي، جنهن شخص آزادي جي 52 ورهين تائين  ڀارت جو قومي جهنڊو نه لوڏيو، ان مان فوجين جي احترام جي اميد نٿي رکي سگهجي.