واشنگٽن(م ڊ) ٽوئيٽر جو چوڻ آهي ته هن پاڪستاني حڪومت جو اڪائونٽ ڀارت ۾ واهپيدارن لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. اِهو قدم ڀارت ۾ قانوني مطالبي کانپوءِ کنيو ويو آهي. ڪمپني جي گائيڊ لائينز ۾ اِهو شامل آهي ته ڪنهن به مُلڪ طرفان ڪنهن قانوني مطالبي، جهڙوڪ عدالتي حڪم جي صورت ۾ اڪائونٽ بلاڪ ڪري سگهي ٿي، پر پاڪستاني حڪومت جو اڪائونٽ ٻين مُلڪن جهڙوڪ آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ واهپيدار ڏسي سگهن ٿا. ميڊيا رپورٽس موجب ٽوئيٽر، پاڪستان ۽ ڀارتي حڪومتن فوري طور معاملي تي ڪنهن به ردعمل جو اظهار ناهي ڪيو. پاڪستاني حڪومت جي سرڪاري اڪائونٽ جا ٽوئيٽر تي ٽيهه لکن کان وڌيڪ فالوورز موجود آهن ۽ ان اڪائونٽ تي پاڪستاني حڪومت بابت معلومات شيئر ڪئي ويندي آهي. ياد رهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ان کان اڳ به ٻئي مُلڪ سان واسطو رکندڙ ويب سائيٽن تي پابندي لڳائي چڪا آهن.