ڀارت ۾ هن مهانگائي جي دور ۾ نوٽن جي برسات

0
358

بئنگلور(انٽرسٽنگ نيوز) وڌندڙ مهانگائي جي هن دور ۾ نوٽن جي برسات اڪثر شادين ۾ ئي ٿيندي آهي پر ويجهڙ ۾ ڀارت جي هڪ روڊ تي اوچتو نوٽن جي برسات ماڻهن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو

سوشل ميڊيا تي ڀارت جي شهر بئنگلور جي هڪ وڊيو اڳيان آئي آهي جنهن ۾ ڳچيءَ ۾ گهڙي لڙڪائي هڪ شهريءَ کي فلاءِ اوور تي 10 رپين جا نوٽ اڏائيندي ڏسي سگهجي ٿو. ڀارتي ميڊيا موجب نوٽ اڏائيندڙ شخص وٽ نوٽن سان ڀريل بيگ موجود هو

Karnataka: Man Throws Rs 10 Currency Notes From Flyover In Bengaluru, Causes Flutter

فلاءِ اوور تي ايندي ئي هن اوچتو نوٽن اُڏائڻ شروع ڪري ڏنا، نوٽن جي برسات ڏسي ماڻهن جي وڏي انگ نوٽ ميڙڻ شروع ڪري ڏنا جنهن دوران ڪجهه وقت لاءِ ٽريفڪ به جام ٿي وئي

ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته نوٽ اڏائيندڙ شخص جي ان عمل جي حوالي سان في الحال ڪابه معلومات نه ملي آهي