نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي شهر چندي ڳڙهه ۾ يونيورسٽي جي شاگردياڻين جون نازيبا وڊيوز وائرل ٿيڻ تي 8 شاگردياڻين مبينا طور آپگهات جي ڪوشش ڪئي. ڀارتي ميڊيا موجب موهالي ۾ قائم نجي يونيورسٽي ۾ ساٿي شاگردياڻي طرفان مختلف وقتن ۾ 60 کان وڌيڪ شاگردياڻين جون نازيبا وڊيوز ٺاهي بواءِ فرينڊ کي موڪلڻ جو واقعو پيش آيو آهي. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاگردياڻين وڊيوز ٺاهيندڙ ناري کي پڪڙي ورتو، جنهن کانپوءِ اهو راز فاش ٿيو ۽ واقعي کانپوءِ 8 شاگردياڻين مبينا طور آپگهات جي ڪوشس ڪئي، جن مان گهڻين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. رپورٽن موجب يونيورسٽي ڪيمپس ۾ شاگردن سخت احتجاج ڪيو ۽ انتظاميا خلاف ڌرڻو هڻندي الزام هنيو ته يونيورسٽي انتظاميا معاملي کي دٻائي رهي آهي. شاگردن جي احتجاج سبب يونيورسٽي انتظاميا کي پوليس طلب ڪرڻي پئي ۽ ان دوران پوليس شاگردن تي لٺبازي پڻ ڪئي. هوڏانهن پوليس ۽ يونيورسٽي انتظاميا ڇوڪرين جي مبينا آپگهات کي افواهه قرار ڏنو پر رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ شاگردياڻين کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ساٿي ڇوڪرين جون وڊيوز ٺاهيندڙ ناري ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو ۽ پوليس کانئس وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي. رپورٽن موجب شاگردياڻي ڀارتي سياحتي شهر شملا ۾ رهندڙ پنهنجي دوست کي وڊيوز ٺاهي موڪليندي هئي، جنهن جا ثبوت موبائل مان به حاصل ڪيا ويا.