ڀارت ۾ مندر ڀرسان رهندڙ مسلمانن کان زبردستي گهر خالي ڪرائڻ جو انڪشاف

0
507

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ مندر جي ڀرسان رهندڙ مسلمانن کان زبردستي گهر خالي ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ مندر جي آس پاس رهندڙ مسلمان آبادي کان زبردستي گهر خالي ڪرايا پيا وڃن، جنهن حوالي سان مسلمانن کي زبردستي هڪ اهڙي اجازت نامي تي صحيح ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ هي لکيک آهي ته زمين يا گهر هو پنهنجي مرضي سان خالي ڪري رهيا آهن، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت جي اترپرديش ۾ مشهور گورک ناٿ مندر جي ويجهو رهندڙن کي اجازت نامي جا خط ڏنا ويا جنهن ۾ لکيل آهي ته صحي ڪرڻ وارو شخص رضا مندي سان پنهنجي زمين يا گهر حڪومت جي حوالي ڪري رهيو آهي ته جيئن مندر جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي، رپورٽ موجب اجازت نامي ۾ لکيل آهي ته هن اجازت نامي تي ڪو به اعتراض نه آهي، جنهن بعد اسان هن تي صحيح ڪئي، رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته گورک ناٿ مندر جي آس پاس درجنين گهر آهن جن ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي، جن کي اجازت نامي تي صحيح ڪرڻ جو چيو ويو آهي، رپورٽ موجب هندو انتها پسندن جي دٻاءُ جي ڪري هن وقت تائين ڪيترن ئي مسلمانن هن اجازت نامي تي صحيح ڪري ڇڏي، جڪيڏهن ڪو صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ته ان کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رياست اترپيش جي هندو انتها پسند وزيراعليٰ يوگي ادتيا ناٿ گورک ناٿ مندر جو سرپرست اعليٰ آهي.