ممبئي (م ڊ) ڀارت ۾ مسلمان ڇوڪري سان اجتماعي زيادتي ۽ گهر جي ڀاتين جو قتل معاف ڪندي گجرات جي عدالت فسادن ۾ ظلم جو داستان قائم ڪندڙ 11 جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو. مسلمان ڇوڪري سان اجتماعي زيادتي کانپوءِ سندس 7 گهرڀاتين کي قتل ڪري ظلم جي داستان رقم ڪندڙ قاتلن جي آزادي تي جوابدارن جو اهڙي ريت استقبال ڪيو ويو جو ڄڻ انهن ڪو وڏو ڪارنامو ڪيو هجي. عدالت 19 ورهين جي بلقيس بانو سان اجتماعي زيادتي ۽ سندس امڙ ۽ ننڍي ڀيڻ سوڌو ست گهرڀاتين کي قتل ڪندڙ 11 جوابدارن 2008ع ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. جوابدارن جي اپيل کانپوءِ به هاءِ ڪورٽ اهڙي سزا برقرار رکي هئي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جوابدارن جي سزا گهٽائڻ جي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنهن جي سفارش تي جوابدار قيد مان آزاد ٿي ٻاهر آيا. واضح رهي ته 2002 ۾ گجرات فسادن دوران ڀارت جي هاڻوڪو وزيراعظم نريندر مودي گجرات جو وڏو وزير هو ۽ انهن فسادن ۾ 1000 کان مٿي مسلمانن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته مودي حڪومت کي شدت پسند هندن جي پٺڀرائي جي الزامن سان منهن ڏيڻو پيو هو.