حيدرآباد دکن (م ڊ) ڀارتي شهر حيدرآباد جي علائقي شمشاد آباد ۾ ميونسپل اٿارٽيز رات دير سان مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو. ميونسپل عملي رات جي اونداهي ۾ مسجد خواجه محمود کي پوليس جي وڏي نفري جي موجودگي ۾ شهيد ڪيو. فجر جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ جڏهن نمازي مسجد پهتا ته هن مسجد کي ڊٺل ڏٺو جنهن تي هو سخت ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ اچي ويا. بعد ۾ مسلمانن ۽ مختلف جماعتن طرفان ميونسپل آفيس ٻاهران سخت احتجاج ڪيو ويو جنهن تي پوليس ڪيئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته مسجد جي ڀرپاسي ۾ موجود رهواسين ان جي اڏاوت خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي جنهن جو ڪيس داخل ٿيڻو هو پر ميونسپل اختيارين مسجد کي مسمار ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي آل انڊيا مسلم پرسنل لا بورڊ جي جنرل سيڪريٽري مولانا خالد سيف الله رحماني پريس نوٽ ۾ مسجد شهيد ڪرڻ واري عمل جي انتهائي افسوس جوڳو ۽ مسلمانن لاءِ برداشت نه ڪرڻ جوڳو عمل قرار ڏنو آهي.