رانچي/ نئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۾ فوج ۾ ڀرتين جي نئين قانون خلاف احتجاج جاري آهي جنهن ۾ هڪ ٽرين سميت  ڪيترين ئي گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي. نئين قانون موجب فوج ۾ شامل ٿيڻ جي خواهشمند ماڻهن کي 4 سالن تائين نوڪري ۾ رکيو ويندو ۽ پوءِ انهن مان رڳو 25 سيڪڙو کي ڀرتي ڪيو ويندو باقي کي نوڪري مان جواب ڏنو ويندو. ان اسڪيم کي نوجوانن پنهنجي مفادن جي خلاف قرار ڏيندي ان کي رد ڪيو آهي ۽ ان خلاف پرتشدد احتجاج ڪيو پيو وڃي. رانچي ۾ احتجاج ڪندڙن ٽرين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن تي پوليس تشدد به ڪيو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيو ويو آهي. ڇپارا واري علائقي ۾ بي جي پي جي ايم ايل اي جي گهر تي حملو ڪيو ويو آهي.