ڀارت ۾ شاگردن کي نقل کان روڪڻ لاءِ انوکو طريقو ايجاد

0
296

نئين دهلي: (دلچسپ نيوز) ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي شهر بينگلور ۾ شاگردن کي نقل ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ مٿي تي گتا پارائي امتحان ورتو ويو جنهن جا سوشل ميڊيا تي ڪافي چرچا ڏسي سگهجن ٿا.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب هلندڙ هفتي بينگلور جي هڪ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي نقل کان روڪڻ جي لاءِ مٿي تي گتا پارائي امتحان ورتو ويو جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سمورا شاگرد ۽ شاگردياڻيون هيلمنٽ جيان گتي سان مٿي کي ڍڪي امتحان ڏئي رهيا آهن ۽ ان دوران صرف اکين واري حصي سان هو ڏسي سگهيا ٿي.سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ٿين کان پوءِ يونيورسٽي اختيارين کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو ۽ چيو ويو ته هي شاگرد آهن ڪي جانور ناهن جو اوهان هنن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو آهي. جڏهن ته ان عمل کي ڪرناتڪا جي تعليم واري وزير به ناقابل برداشت جوڳو قدم قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته امتحانن ۾ شاگردن جو نقل ڪرڻ هڪ مسئلو آهي پر ان جي حل جي لاءِ هي رويو اختيار ڪرڻ بلڪل مناسب ناهي جنهن به هن طريقي جي اجازت ڏني آهي ان کي پنهنجي غلطي مڃڻ گهرجي.