نئين دهلي(م ڊ) نئي دهلي ۾ ٿڌ سبب باهه تي هٿ سيڪڻ جي اجازت گھرڻ تي 15 سالن جي نينگر کي قتل ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب هي واقعو نئين دهلي ۾ پيش آيو جتي 15 سالن جي نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو. پوليس موجب نوجوان جي قتل ۾ ملوث 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سمت نالي نوجوان قتل جو اقرار ڪندي ٻڌايو ته دوستن سان باهه تي هٿ سيڪي رهيا هياسين، جتي مقتول ويهڻ جي اجازت گهري جنهن تي ڏند چڪ سبب نوجوان کي ڇرا هڻي قتل ڪيو.