ڀارت ۾ رقم حاصل ڪرڻ لاءِ زال مڙس کي فوت ڄاڻائي ڇڏيو

0
355
ڀارت ۾ رقم حاصل ڪرڻ لاءِ زال مڙس کي فوت ڄاڻائي ڇڏيو
ڀارت ۾ رقم حاصل ڪرڻ لاءِ زال مڙس کي فوت ڄاڻائي ڇڏيو

نئين دهلي ( انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ زال پنهنجي مڙس کي ٽرين حادثي ۾ فوت ڄاڻائي حڪومت کان معاوضي جي رقم گهري ورتي، بي جي دتا زال خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب اوڊيشا ۾ ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيلن لاءِ حڪومت معاوضي جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت گي ماڻهو لاءِ وفاقي سرڪار 10 لک، صوبائي حڪومت 5 لک ءٌ وزيراعظم آفيس 2 لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي

اهڙو اعلان ٻڌڻ بعد عورت گيتا دتا پنهنجي مرش بي جي دتا کي ٽرين حادثي ۾ فوت ڄاڻائي رقم جي گهر ڪئي اها خبر جڏهن عورت جي مڙس کي پئي ته هن فوري انتظاميا کان زال خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي