نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي فوج ۾ عارضي  ڀرتين واري اسڪيم ” اگني پٿ“ خلاف پرتشدد احتجاج ڪيئي رياستن تائين پکڙجي ويو آهي. جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. حڪومت ريل گاڏيون بيهارڻ جو اعلان ڪيو آهي. مختلف رياستن ۾ مظاهرين سرڪاري عمارتن، ملڪيتن، بسن ۽ ٽرينن کي باهيون ڏئي ڇڏيو آهن. رياست بهار ۾ مظاهرين ريلوي اسٽيشن تي هلان ڪريٽرين جي بوگين کي باهه ڏئي ڇڏي . مظاهرين احتجاج دوران روڪڻ تي پوليس تي پٿراءُ  پڻ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيئي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا جڏهن ته پوليس سوين ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رياستي اتنظاميا امن امان جي خراب صورتحال سبب 15 ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي رياست تلنگانه، اولهه بنگال، اتر پرديش، هرياڻه ۽ مڌيه پرديش ۾ پڻ مظاهرين ڪيئي ٽرينن کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ سئو کان وڌيڪ بس اڏن تي پٿراءُ ڪيو. رپورٽن موجب پرتشدد مظاهرن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ٻئي پاسي پرتشدد واقعن کانپوءِ ڀارتي حڪومت اسڪيم تحت 4 سال پورا ڪندڙن لاءِ پيرا ملٽري فورس ۽ آسام رائفلز ۾ 10 سيڪڙو ڪوٽا رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان باوجود احتجاج جي شدت ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي. هوڏانهن ڀارتي ريلوي اختيارين مظاهرين طرفان ٽرينن کي باهيون ڏيڻ وارن واقعن بعد سڄي ملڪ ۾ ٽرينن جي اچ وڃ معطل ڪندي 350 ٽرينن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بهار ۾ ڪالهه 250 ڄڻا گرفتار ڪري 25 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن سان گرفتارين جو انگ 718 ٿي ويو آهي.