اترپرديش (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ارڙ بلا ٻڪري ڳِهڻ کانپوءِ اسڪول بس ۾ چڙهي پئي، جنهن جي ريسڪيو جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اترپرديش جي شهر رائي بريلي ۾ هڪ ارڙ بلا مقامي شهريءَ جي ٻڪري ڳِهي وڃڻ کانپوءِ اسڪول بس ۾ سوار ٿي ويهي رهي جنهن کي هڪ ڪلاڪ جي ڪوششون کانپوءِ پڪڙي محفوظ مقام تي منتقل ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ارڙ بلا جي بس ۾ سوار ٿيڻ جو واقعو 2 ڏينهن اڳ پيش آيو پر اسڪول بند هئڻ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ارڙ بلا اسڪول بس جي سيٽ هيٺان ويٺل آهي جنهن کي جهنگ واري کاتي جي اهلڪارن رسيءَ ۽ ڪاٺيءَ سان پڪڙي رکيو آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پڪڙڻ جي ڪوشش دوران ارڙ بلا جو اڌ حصو بس جي انجڻ ۾ هليو ويو جنهن کي ريسڪيو ٽيم رسين جي مدد سان ٻاهر ڪڍي پڪڙيو ۽ محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو.