نئين دهلي/ڍاڪا (م ڊ) ڀارت ۽ بنگلاديش  ۾ تازين طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي هنيئر تائين فوتين جي انگ 100کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻوڏ ۾ ڦاٿل لکين متاثر خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ هينئر تائين هزارين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، بنگلاديش جو شهر سهلٽ ۽ ڀارتي رياست آسام ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان رڪارڊ ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب شديد برساتن ۽ طوفان سبب متاثر ٿيندڙن جو انگ ڪروڙن تائين پهچي ويو آهي، يونيسيف موجب ٻوڏ صورتحال سبب بنگلاديش جي اتر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 لک ماڻهن سان زميني رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو آهي. موسمياتي ماهرن موجب گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران سانوڻي جي تازي سيزن ۾ هنيئر تائين رڪارڊ ڪئي ويندڙ سڀ کان وڌيڪ طوفاني برساتيون پيون آهن. ماحولياتي تبديلي سبب برساتن ۽ ٻوڏ جي شدت ۾ اضافي ٿيو آهي.