احمد آباد(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ چوٿين ٽيسٽ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي، ڀارت 4 ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز 2-1 تان پنهنجي نانءِ ڪري ورتي. آسٽريليا پهرين اننگ ۾ 480 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. عثمان خواجه 180 ۽ ڪيمرون گرين 114 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ڀارت طرفان رويچندرن ايشون 6 ۽ محمد شامي 2 وڪيٽون ورتيون. ڀارتي ٽيم پهرين اننگ ۾ 571 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. ويرات ڪوهلي 186، شبمن گل 128، اڪثر پٽيل 79 ۽ سريڪار ڀارت 44 رنز ٺاهي نمايان رهيا. آسٽريليا طرفان ناٿن ليان ۽ ٽوڊ مرفي 3-3 وڪيٽون ورتيون. آسٽريليا ٻي اننگ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنز تي اننگ ڊڪليئر ڪئي ته ٽيسٽ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي. ويرات ڪوهلي کي پليئر آف دي ميچ ۽ ايشون کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.