موهالي(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڀارت کي هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي. ڪينگروز ڀارت خلاف هوم گرائونڊ تي 208 رنز جو هدف حاصل ڪيو. آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 208 رنز ٺاهيون. هارديڪ پانڊيا 30 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 71 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. ڪي ايل راهول 55، سورياڪمار ياديو 46 رنز ٺاهيون. آسٽريليا طرفان ناٿن ايلس 3، جوش هيزل ووڊ 2 ۽ ڪيمرون گرين هڪ وڪيٽ ورتي. ڪيمرون گرين 4 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 30 بالن ۾ 61 رنز ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته ميٿيو ويڊ 2 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 21 بالن ۾ 45 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. ڀارت طرفان اڪسر پٽيل 3، اميش ياديو 2 ۽ يزويندرا چاهل هڪ وڪيٽ ورتي.