ڀارت کي ڳالهين جي آڇ: پي ٽي آءِ پاران وزيراعظم جي موقف تي سخت تنقيد

0
215
سروسز اسپتال لاهور فواد چوڌري

ڪراچي: تحريڪ انصاف پاران ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪرڻ واري وزيراعظم شهباز شريف جي موقف تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته شهباز شريف جي بيان تي صدمو پهتو آهي، اسان جو موقف آهي ته مودي سرڪار ڪشمير بابت اختيار ڪيل پنهنجي غير آئيني موقف تان هٿ کڻي، ان کانپوءِ ئي ڀارت سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ڀارت کان ڳالهين جي خيرات گهرڻ پاڪستان جي پاليسي نه آهي، اسان شهباز شريف جي سوچ کي رد ڪيون ٿا ۽ کيس ڪشمير کپائڻ جي اجازت نه ڏينداسين

هي به پڙهندا

وزيراعظم ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي سنجيده ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي