ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين: بابر اعظم

0
212

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ ڀارت خلاف ڪاميابي حاصل ڪري ميگا ايونٽ ۾ مومنٽم کي برقرار رکنداسين ۽ ورلڊ ڪپ کٽينداسين.

ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ بابر اعظم چيو ته ڀارت خلاف هڪ الڳ ئي دٻاءُ وارو مقابلو هوندو آهي، ماضي ۾ ڇا ٿيو، ان تي ڌيان ڏيڻ بدران ڀارت کي شڪست ڏئي وري تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته خوشي آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهيان، رضوان ۽ منهنجو نالو بار بار اچي رهيو آهي، قوم کي اسان مان اميدون آهن، اسان بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.