نئين دهلي (م ڊ) ڀارت چين کي پوئتي ڇڏي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو مُلڪ بڻجي ويو آهي. ورلڊ پاپوليشن ريويو موجب ڀارت جي آبادي سال 2022ع تي پڄاڻي تي 1.417 ارب تائين پهچي وئي. چين جي آبادي 1.412 ارب آهي ۽ 1961 کان پوءِ پهريون ڀيرو آبادي ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ان رپورٽ مان اِشارو ملي ٿوته ڀارت جي آبادي چين جي ڀيٽ ۾ پنجاهه لک وڌيڪ آهي. ڀارت ۾ پنجاهه سيڪڙو آبادي ٽيهه سال کان گهٽ عمر وارن ماڻهن تي ٻڌل آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 18 جنوري تي ڀارت جي آبادي 1.423 ارب ٿي چڪي آهي جڏهن ته هڪ ٻي تحقيقي اداري ماڪرو ٽرينڊس جي خيال ۾ ڀارتي آبادي 1.428 ارب تائين پهچي چڪي آهي. ڀارت طرفان 2021ع ۾ آدمشماري جي ڊيٽا جاري ٿيڻي هئي پر اِها اڃا تائين جاري ناهي ڪئي وئي.