ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ تنظيمن جي مدد ڪندو آهي: حنا رباني کر

0
144
ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ تنظيمن جي مدد
ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ تنظيمن جي مدد ڪندو آهي: حنا رباني کر

اسلام آباد: پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ ڪيترن ئي تنظيمن جي مالي مدد ڪندو رهيو آهي ۽ اُهي ثبوت به آهن ته ڀارت پاڪستان اندر دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي، اُميد ته عالمي برادري ڀارت جو احتساب ڪندي
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارت کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي ملڪ دهشتگردي جو فائدو ناهي کنيو
هن چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ سبب وڏو متاثر ٿيو آهي، ڀارت عالمي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪو به ڪردار ادا ناهي ڪيو
مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته بلوچستان سوڌو ٻين علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ “را” ملوث آهي ۽ بندش پيل تنظيم بي ايل اي کي به پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي

هن کي به پڙهندا

17ڊسمبر تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندس:عمران خان

حڪومتي اتحاد ۾ رهجي يا نه؟ اختر مينگل مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو

وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کي حاصل ڇوٽ فوج کي ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ جسٽس منصور جو سوال

ڊالرز ذخيرو ڪندڙن خلاف ايڪشن جو فيصلو