نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي فائنل لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آءِ موجب آل انڊيا سينيئر سليڪشن ڪميٽي آسٽريليا خلاف فائنل لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو. اسڪواڊ ۾ ڪپتان روهت شرما، شبمن گل، چتيشور پجارا، ويرات ڪوهلي، اجنڪيا رهاني، ڪي ايل راول، ڪي ايس ڀرت، روي چندرن ايشون، رويندرا جديجا، اڪشر پٽيل، شردل ٺاڪر ۽ محمد شامي شامل آهن. ان کان علاوه محمد سراج، اميش ياديو، جي ديواندڪٽ به شڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واضح رهي ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جو فائنل ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ 7 جون کان اوول لنڊن ۾ کيڏي ويندو.