نيپيئر(اسپورٽس نيوز) ڀارت نيوزيلينڊ کي ٽي 20 سيريز ۾ 1-0 تان مات ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهريان کيڏندي 19.4 اوورن ۾ 160 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڊيون ڪونوي 59 ۽ گلين ڦلپس 54 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ڀارت طرفان محمد سراج 17 رنز ڏئي 4 ۽ هرشديپ سنگهه 37 رنز ڏئي 4 شڪار ڪيا. ڀارت 4 وڪيٽن جي نقصان تي 75 رنز ٺاهيون ته برسات شروع ٿي وئي جنهن کانپوءِ ميچ نه ٿي سگهي ۽ ميچ بنا نتيجي ئي ختم ٿي وئي. محمد سراج کي پليئر آف دي ميچ ۽ سوريا ڪمار يادو کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ به نه ٿي سگهي هئي، ٻي ميچ ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي 65 رنز تان شڪست ڏني هئي.