لاهور(اسپورٽس نيوز) پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ ڪپتان عمران خان چيو ته ڀارت جي رويي ۾ تڪبر نظر ايندو آهي، ڀارت وٽ ريونيو پيدا ڪرڻ جي ٻين ملڪن کان ڪيتري ئي وڌيڪ صلاحيت آهي، اهو هڪ سپر پاور جي حيثيت سان ڪرڪيٽ کي هلائي رهيو آهي، ڀارت ڪرڪيٽ جي سپر پاور تڪبر سان گڏ ڊڪٽيٽ ڪندو آهي، اهو فيصلو ڪندو آهي ته ڪنهن کي کيڏڻ گهرجي ڪنهن کي نه کيڏڻ گهرجي. عمران خان چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن سبب پاڪستاني ڪرڪيٽر آءِ پي ايل ۾ نه آهن، منهنجي لاءِ حيران ڪندڙ آهي ته ڀارتي بورڊ پاڪستان جي رانديگرن کي ٻاهر رکيو آهي، اهو ڀارت جو تڪبر آهي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته هاڻي پاڪستان وٽ به سٺي ڪوالٽي جي سپر ليگ آهي، پاڪستان سپر ليگ ۾ کيڏڻ لاءِ پرڏيهي رانديگر ايندا آهن، پاڪستان جا تمام سٺا نوجوان ڪرڪيٽر اڳيان اچي رهيا آهن اسان کي هن جي ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي.