راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) ڀارت خلاف ڪاميابي تي آرمي چيف ۽ عمران خان تي ٽيم کي مبارڪ پيش ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ٽيم اسان کي اوهان مٿان فخر آهي. ٽوئٽر تي ڀارت خلاف ڪاميابي تي هٿياربند فوج پاران پاڪستان ٽيم کي مبارڪ ڏني وئي. هوڏانهن ڀارت خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عمران خان جو بيان به سامهون آيو آهي. عمران خان ٽوئٽ ڪيو ته دٻاءَ ۾ پنهنجي اعصاب تي قابو رکڻ ۽ سخت مقابلي کانپوءِ ڪاميابيءَ تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪ پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڏکئي وقت ۾ قوم جي همت ۽ حوصلو وڌائڻ لاءِ اسان کي اهڙي ڪاميابيءَ جي اشد ضرورت هئي.