ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز هارائڻ بعد ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ اسٽيو سمٿ جي قيادت ۾ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. آسٽريليا جي مستقل ڪپتان پيٽ ڪمنز ذاتي مصروفيتن سبب ون ڊي  سيريز تان به هٿ کڻي ورتو آهي. واضح رهي ته هو چئن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ٻن ميچن ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، جنهن بعد اسٽيو سمٿ آخري ٻن ميچن ۾ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت ڪئي هئي. آسٽريلوي هيڊ ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ چيو ته ٽيم ڀارت خلاف سيريز ايندڙ سال رٿيل عالمي ڪپ جي تيارين ۾ مدد ڏيندي جيڪو پڻ ڀارت ۾ ئي شيڊول آهي. سندس چوڻ هو ته اسان ٽيم ۾ ڪيئي آل رائونڊر کنيا آهن پر ڇا سڀني کي موقعو ملندو؟ ان حوالي سان اسان کي جواب ڏيڻا پوندا. ڀارت خلاف اعلانيل اسڪواڊ ۾ اسٽيو سمٿ ( ڪپتان ) اليڪس ڪيري ( وڪيٽ ڪيپر) شان ايبٽ“ آشٽن آگر، نيٿن ايلس، ڪيمرون گرين، ٽرويس هيڊ، جوش اينگلس، مارنس لبيو شين، مچل مارش، گلين ميڪسويل، مچل اسٽارڪ، مارڪوئس اسٽوئنس، ڊيوڊ وارنر ۽ ايڊم زمپا شامل آهن. واضح رهي ته ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 17 مارچ کان ممبئي ۾ شروع ٿيندي.