مظفر آباد (م ڊ) آزاد ڄمون ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي والاريل ڪشمير ۾ جِي ٽوئنٽي اجلاس ڪرائڻ خلاف قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته ڀارت جيتريون به ڪانفرنسون ڪرائيي، تاريخ جو رخ بدلائي نٿو سگهي، والاريل ڪشمير تي قبضو برقرا رکڻ جون سموريون اٽڪلون ناڪام ٿينديون. ان کان سواءِ اپوزيشن ليڊر چوڌري لطيف جي ٽوئنٽي اجلاس جي بائڪاٽ تي چين ۽ ٻين ملڪن جا ٿورا مڇيا. اجلاس کي پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري ياسين، مسلم ليگ نواز جي صدر شاهه غلام قادر، مسلم ڪانفرنس جي صدر سردار عتيق احمد ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا فارق هيدر به خطاب ڪيو. هوڏانهن اجلاس کي خطاب ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خصوصي طور شرڪت ڪئي. هن خطاب ڪندي چيو آهي ته سري نگر ۾ جي 20 اجلاس ڪري ڀارت صدارت جو غيرقانوني استعمال ڪري رهيو آهي. ڪشمير مسئلو عالمي سطح جو تڪرار آهي، ڪشمير معاملي تي نتيجا ڏيندڙ ڳالهين لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ ڀارت جي ذميواري آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ هڪ اهڙي جماعت حڪمران آهي جيڪا فاشزم ۽ مذهبي جنونيت تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته هو جيتري به چانهه پيئن پيئاري سگهون ٿا ته پر مهنجي مُلڪ جو دفاع ڪنداسين. بلاول ڪشمير مسئلي تي عالمي برداري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته دنيا جي ٻين خطن ۾ انساني حقن جا چيمپيئن بڻجندڙ ڪشمير ۾ سنگين ڀڃڪڙين تي پنهنجون اکيون ڪيئن ٻوٽي سگهن ٿا. هن چيو ته هو هتي ڪشميري عوام سان ايڪي جو اظهار ڪرڻ لاءِ آيو آهي، ڄمون ۽ ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي  اڻپوري ايجنڊا آهي، ڪشميرين جا حق ۽ خواهشون لتاڙيون ويون.