بالي(م ڊ) ڀارت اسريل ملڪن جي تنظيم جي 20 جو سربراهه ٿي ويو، ايندڙ سال سربراهه اجلاس ڀارت ۾ ٿيندو. ڪالهه سربراهه اجلاس پڄاڻي تي پهتو جنهن ۾ انڊونيشيا جي در جوڪو ويدودو باضابطا طور تي جي 20 جي سربراهي ڀارت جي حوالي ڪئي. ايندڙ سال اهو اجلاس ڀارت ۾ ئي ٿيندو. اجلاس کي خطاب ڪندي مودي چيو ته ڀارت جي 20 جي صدارت جامع، حوصلا افزا، فيصلائتي ۽ ڪارروائي تي ٻڌل هوندي. ايندڙ هڪ سال ۾ اسان جي ڪوشش هوندي ته جي 20 هي اجتماعي ڪارروائي کي تيز ڪرڻ لاءِ اسان عالمي اهلڪار طور ڪم ڪريون. اسان کي جي 20 جي ايجنڊا ۾ عورتن جي قيادت جي ترقي کي ترجيح ڏيڻي پوندي. جي 20 جي صدارت ڀارت لاءِ فخر لائق آهي اسان مختلف رياستن ۽ شهرن ۾ جي 20 اجلاس ڪنداسين اسان گڏجي ان کي عالمي تبديلي جو محرڪ بڻائينداسين.