ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) اسان جي ملڪ سميت سموري ڏکڻ ايشيا ۾ گڏهه کي بيوقوفي ۽ وائڙائپ جي نشاني ۽ گهڻو کائيندڙ ۽ ڪم گهٽ ڪندڙ جانور طور سڃاتو ويندو آهي پر ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته گڏهن کان اسان وٽ ايترا ته گهڻا ڪم ورتا ويندا آهن جو ان جو ڪو ڇيهه ئي نه آهي. هاڻ ته گڏهن کي پنکي جيان هوا ڏيڻ لاءِ به استعمال ڪيو پيو وڃي. ٽوئٽر تي ڀارتي ڳوٺ جي رهواسين جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته کٽ تي ويٺل ڪجهه ماڻهو گرمي کي شڪست ڏيڻ لاءِ گڏهه جي مدد سان هلندر پنکو استعمال ڪري رهيا آهن. 54 سيڪنڊن جي وڊيو ۾ نظر اچي ٿو ته ويران علائقي ۾ کٽ تي ڪجهه ماڻهو ويٺا آهن هڪ ڊگهي ڏنڊي تي 2 چادرون لڙڪن پيون ۽ ڏنڊي سان گڏهه به ٻڌل آهي جڏهن ته گڏهه ڏنڊي جي چوڌاري گهمي ٿو ته چادرن سان کٽ تي ويٺل ماڻهن کي هوا لڳندي رهي ٿي. ٽوئٽر تي سوشل ميڊيا تي صارفين جو وڏو انگ اها وڊيو شيئر ڪري رهيو آهي. ان وڊيو ۾ ويٺل ماڻهن تي تنقيد پڻ ڪئي وئي آهي هڪ همراهه لکيو ته جانور تي تشدد تخليق جي قيمت آهي، ٻئي لکيو ته بي زبان جانور کي استعمال ڪرڻ نه گهرجي، تجربو ڪريو پر انسانن ۽ جانور استعمال نه ڪريو.