دهلي ( م ڊ ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس تباهي مچائي ڇڏي، ڪورونا مريضن جو انگ 2 ڪروڙ کان وڌي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 لک 57 هزار 229 نوان ڪيس سامهون آيا، 3 هزار 449 مريضن دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو مجموعي انگ 2 لک 22 هزار کان وڌي ويو، ڀارتي شهر حيدرآباد دکن جي چڙيا گهر ۾ موجود 8 ايشين شينهن کي به ڪورونا وائرس جي تصديق، اپوزيشن پارٽيز طرفان ملڪگير لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪيو ويو آهي.