نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي سپريم ڪورٽ راجيو گانڌي قتل ڪيس ۾ عورت ڏوهاري ناليني سميت وڌيڪ 6 ڏوهارين کي 31 سال قيد جي سزا ڀوڳڻ کانپوءِ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي ۾ عورت ناليني کان علاوه سر برن، سنتهن، مروگن، رابرٽ پياس ۽ آر پي روري، چندرن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته انهن ماڻهن جو جيل ۾ رويو ڪافي بهتر هو انهن سڀني قيد دوران تعليم جاري رکي، ڊگريون ورتيون، ڪتاب لکيا ۽ سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون. ڀارتي عدالت مئي ۾ راجيو گانڌي قتل جي ڏوهاري پيرا ريولن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته تامل ناڊو حڪومت به راجيو گانڌي قتل ڪيس ۾ سزا يافته ڏوهاري کي آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪانگريس سپريم ڪورٽ جو حڪم قبول جوڳو نه هجڻ تي پنهنجي قانوني ٽيم سان صلاح مشوري کانپوءِ آئنده جو لائحه عمل سامهون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ياد رهي ته اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌي کي 1991ع ۾ تامل ناڊو ۾ تامل عليحدگي پسند عورت خودڪش ڌماڪي ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو.